ڪراچي: اسڪول ۾ فائرنگ ۾ ملوث شاگرد گرفتار

ڪراچي: اسڪول ۾ فائرنگ ۾ ملوث شاگرد گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي اورنگي ٽائون جي اسڪول ۾ فائرنگ ۾ ملوث شاگرد کي گرفتار ڪيو ويو. ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار وٽان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن خلاف غير قانوني هٿيار رکڻ جو هڪ ٻيو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته 4 ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل جوابدارن وٽان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. اورنگي ٽائون جي خانگي اسڪول جي ڪلاس ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو، فائرنگ جي نتيجي ۾ 15 ورهين جي شاگردياڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي، پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جي ٽنگ ۾ گولي لڳي هئي، جنهن کي ڪڍيو ويو. ڪالهه زخمي نينگري جي حالت خطري کان ٻاهر آهي، هوءَ نجي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار بيان ۾ چيو ته هو پستول لوڊ ڪري رهيو هو ته گوليون لڳيون، ڇوڪرو موجب هو اسڪول کان پوءِ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ لاءِ بندوق کڻي آيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو