سکر (بيورو جيرام داس ) روهڙي ڀرسان پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ مان 30 مڻ ڀنگ هٿ ڪري ڊرائيور ۽ ڪلينر کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي ٽيم موٽروي ويجهو پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ کي روڪي جهڙتي ورتي، جنهن دوران 30 مڻ ڀنگ جا ٻاچڪا هٿ ڪري ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ايڪسائيز کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ڀنگ جون 60 ٻوريون ٽرڪ مان برآمد ٿيون آهن. اها ٽرڪ لاهور کان ڪراچي وڃي رهي هئي.گرفتار ٿيلن ۾ ٽرڪ ڊرائيور قيصر عباسي ۽ ڪلينر تنوير حسين شامل آهن، سندن خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو. ايڪسائيز کاتي جي اختيارين موجب هٿ آيل ڀنگ جي مارڪيٽ ۾ماليت 50 لک رُپيا آهي.










