ڪراچي جي آسان ٽارگٽ ۾ ڦاسڻ بعد اسلام آباد کي به شڪست

ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) اسلام آباد يونائيٽڊ ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ ميچ جاري آهي. 137 رنز جو ٽارگٽ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي ڪنگز جي اوپنرز شرجيل خان ۽ بابر اعظم جارحاڻي شروعات ڪئي. شرجيل خان 4 ڇڪن ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 37 رنز ٺاهي عاقف جاويد جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. بابر اعظم هن کي رويو وٺڻ نه ڏنو.

بابر اعظم 20 بالن تي 3 چوڪا هڻي 19 رنز ٺاهي ان سائيڊ ايج بولڊ ٿيو. ڪيمرون ڊيلپورٽ ۽ عماد وسيم ٽيمپو ٽوڙي ڇڏيو ۽ رن ريٽ وڌائي ڇڏيو. ڊيلپورٽ 90 جي مجموعي اسڪور تي 14 هين اوور ۾ شاداب جي بال تي 24 بال کيڏڻ بعد 11 رنز ٺاهي بولڊ ٿيو ته افتخار احمد آيو جيڪو 3 بالن تي هڪ رن ٺاهي آصف هٿان شاداب جي بال تي آئوٽ ٿيو، ڪرس جورڊن آيو، عماد هڪ ڇڪي ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 34 بالن تي 26 رنز ٺاهي ظفر گوهر جي بال تي فل سالٽ هٿان ڪيچ ٿيو. ڪيپر چيڊوڪ والٽن آيو جنهن هڪ ڇڪو ۽ هڪ چوڪي هڻي ڪم بهتر ڪيو ۽ يچ کٽرائي. ان کان اڳ ٽاس کٽڻ بعد ڪراچي وارن اسلام آباد کي بيٽنگ جي دعوت ڏني ۽ سندن بيٽنگ لائن وڏو ٽارگٽ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي ۽ صرف 6 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنز ٺاهي سگهي. اوپنرز  رضوان حسين ۽ فل سالٽ اننگ شروع ڪئي. رضوان ٻن چوڪن جي مدد سان 14 بالن تي 17 رنز ٺاهي چيڊوڪ هٿان اميد آصف جي بال تي آئوٽ ٿيو. پهريون ميچ کيڏندڙ فل سالٽ هڪ چڪي ۽ ٽن چوڪن جي مدد سان 19 بالن تي 25 رنز ٺاهي عماد وسيم جي بال تي ڪرس جورڊن هٿان ڪيچ ٿيو، حسين طلعت 4 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 37 رنز ٺاهي ديلپورٽ هٿان افتخار احمد جي بال تي ڪيچ ٿيو، ڪپتان شاداب خان هڪ چوڪي جي مدد سان 14 بالن تي 12 رنز ٺاهي افتخار هٿان ارشد اقبال جي بال تي ڪيچ ٿيو، ڪولن انگرام هڪ چوڪو هڻي 15 بالن تي 14 رنز ٺاهي رن آئوٽ ٿيو ڪيپر چيڊ وڪ کيس آئوٽ ڪيو، آصف علي 5 بالن تي 2 رنز ٺاهي ڪرس جورڊن جي بال تي عثمان مير هٿان ڪيچ ٿيو. فهيم اشرف 14 بالن تي 12 رنز ۽ ظفر گوهر 10 بالن تي هڪ چوڪو هڻي 13 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيا. محمد عامر 4 اوورز ۾ 28 رنز ڏئي ڪا وڪٽ نه ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو