ڪراچي، سعود آباد ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي، سعود آباد ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار فوت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي سعود آباد علائقي ۾ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار مارجي ويو.شهرين ٽرڪ ڊرائيور کي تشدد ڪرڻ کان پوءِ پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ٽرڪ سيمينٽ جي ٿيلهين سان ڀريل هئي. ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اتي موجود شهرين کيس روڪيو.پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.پوليس موجب، واقعي واري هنڌ تي موجود شهري چون ٿا ته ٽرڪ ڊرائيور تيز رفتاري سان هلائي رهيو هو، وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو