ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار) سنڌي جماعت ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ يو ايس ايڊ جي تعاون سان هلندڙ گورنمنٽ پرائمري سيڪنڊري اسڪول جي سرڪاري عمارت زبون هجڻ سبب اسڪول خانگي جڳھ ۾ منتقل ڪيو ويو هو. عمارت جي مالڪ ذوالفقار عباسي انتظاميه جي طرفان عمارت جو ڪرايو نه ملڻ جي صورت ۾ اسڪول جي شاگردن، استادن ۽ ٻئي عملي کي عمارت مان ٻاهر ڪڍي ڪري عمارت کي تالو لڳائي ڇڏيو ، جنهن کان بعد اسڪول جي ٻارن ، استادن ۽ ٻئي عملي بلڊنگ جي ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ ان عمل جي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي وئي، انھيء موقعي تي اسڪول ايس ايم سي ڪميٽي جي چيئرمين ايڊوڪيٽ ابراهيم ابڙو صحافين سان ڳالھ ٻول ڪنڌي چيو ته سرڪاري پرائمري سيڪنڊري اسڪول جي عمارت جي زبون حالي سبب اسڪول کي خانگي جڳھ ۾ منتقل ڪيو ويو ھو ، اسڪول جي انتظاميا پاران عمارت جي مالڪ کي ڪجھ مهينن جو ڪرايو ادا نه ڪرڻ سبب جڳھ جي مالڪ ٻارن ۽ استادن کي عمارت مان ٻاهر ڪڌي جڳھ کي تالو هڻي ڇڏيو آھي جيڪو هڪ دل کي ڏکوئيندڙ عمل آھي , اسڪول جي ٻارن استادن ۽ سوسائٽي جي رهواسين وزير تعليم سنڌ , چيف سيڪٽريٽري سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان نوٽيس وٺندي ذميوارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو.










