ڪراچي (نمائندن وٽان) محرابپور جي سينئر صحافي عزيز ميمڻ جو ڳوڌو شاخ مان لاش هٿ آيو آهي. سندس لاش جي ڳچي ۾ مائيڪ جي تار لپيٽيل هئي، جنهن سان کيس گهٽا ڏئي قتل ڪيو ويو آهي. سيٺارجا مان سجاد علي ڪٻر موجب لاش کي لُڙهندي ڏسي ڌنارن پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس پهچي لاش ٻاهر ڪڍرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم بعد سامهون ايندو. ***نوشهروفيروز مان مشتاق حسين مري موجب عزيز ميمڻ ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين جو رپورٽر هو. مقتول صحافي جي ڀاءُ حفيظ ميمڻ ٻڌايو ته اسان جو پنهنجو ڇوڪرو اويس قريشي جيڪو ڪيمرا مين آهي ان کي ڀاءُ چيو ته ڳوٺ صوفائي سهتا ۾ دعوت آهي اتي لاهي اچ ته پوءِ مان واپس ايندس ڇوڪري جي چواڻي مطابق کيس مان اتي ڇڏي آيس ٻن اڍائي ڪلاڪن کا نپوءِ اسان کي اطلاع مليو ته عزيز ميمڻ جو لاش ڌنارن شاخ مان ڪڍيو آهي.

هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي هو بيباڪ صحافي هيو حق سچ لکندو هيو انهيءَ ڪري کيس شهيد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايس ايڇ او محرابپور عظيم راڄپر جو چوڻ آهي ته عزيز ميمڻ جون موبائل فونون گهر پيل هيون ۽ هو ٻهراڙي ۾ دعوت تي ويل هيو وڌيڪ جانچ ڪري رهيا آهيون. ٻئي طرف پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صحافين صدر يونس راڄپر، جنرل سيڪريٽري مشتاق مري، امجد ميمڻ، قاضي ذوالفقار، ايم ظفر تڳر، امجد ميمڻ، عطا حسين سمون،خادم حسين مري، غلام مصطفيٰ تڳر، گل مورو، فقير ميهر بهڻ، محبوب ڪلهوڙو، مظفر عباسي ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪري واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جا قاتل جلد گرفتار ڪيا وڃن.*** دريا خان مري مان ارباب مري موجب عزيز ميمڻ جي ناحق قتل خلاف درياخان مري جي صحافين پاران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ فورن قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي. صحافين مير محمد لاشاري سيد قمر الزمان شاھ ارباب مري عبدالحفيظ پلهه وريل سنڌي، عامر بزنجو اختر خاصخيلي ماجد سنڌي حسنين مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي.

***خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب صحافي عزيز ميمڻ جي قتل خلاف صحافين شھزادو لاڙڪ. عظيم سيال. سائل قاضي. ميهر مهر، آزاد مهر، نواب ميراڻي، آڪاش مهر، قاضي خادم، خان محمد پتافي، شبير سيال،ياسين ميراڻي،سينگار گبول، وحيد گڏاڻي ،محمد علي سومرو، آفتاب سيال، منٺار چنو، سريچند ڪپور، وهاب قاضي،زبير سيال، هريش ڪانيا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب خانپورمهر آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي صحافين محرابپور جي سينيئر صحافي عزيز ميمڻ جي قتل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قتل ۾ ملوث دهشتگردن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.*** سڪرنڊ مان راجڪمار اوڏ موجب عزيز ميمڻ جي قتل خلاف سڪرنڊ جي صحافين طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جيڪو مختلف هنڌن کان ٿيندو پريس ڪلب اڳيان جلسي جي صورت اختيار ڪري ويو مظاهري کي پريس ڪلب جي صدر ۽ نامور ڪهاڻيڪار محمد صديق منڱيو عبدالتواب شيخ سلھ بچايو ڀٽي قاضي جاويد ميمڻ ولي محمد ڀٽي خليل راجپوت رضا محمف سيال گل لغاري آڪاش بلوچ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عزيز ميمڻ جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري کين سرعام ڦاسي ڏني وڃي.*** هالاڻي مان طارق جان سهتو موجب پريس ڪلب محرابپور جي صدر عزيز ميمڻ جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو. صحافي اڳواڻن چيو ته عزيز ميمڻ ڪيترن ئي سالن کان ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين ۾ ڪم ڪندو هيو ۽ مختلف وقتن تي سماجي ۽ ثقافتي پروگرام ڪرائي تاريخي شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو رهيو جڏهن ته عزيز ميمڻ وقت به وقت سياسي طور وڏيون خبرون ۽ اسٽوريون هلايون. *** دادو مان ادل مهيسر موجب شھيد عزيز ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاء دادو ۾ صحافين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو صابر ڀنڊ,طارق لغاري,نظام شيخ,گلڻ ڀنڊ,ولي چانڊو,ولي محمد لنڊ ,غوث جهتيال,شعيب ٿهيم,ادل مهيسر,امداد خشڪ,جلال سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته عزيز ميمڻ حق ۽ سچ جو آواز اٿاريندڙ ارڏو صحافي هو سماج کي آئينو ڏيکارڻ جي پاداش ۾ کيس شهيد ڪيو ويو. ياد رهي ته بلاول ڀٽو جي گذريل سال ٽرين مارچ دوران عزيز ميمڻ خبر هلائي هئي ته پي پي وارن ڪرائي تي استقبال لاءِ ماڻهو آندا هئا ۽ انهن سان واعدو ڪيل رقم نه ڏيڻ تان کيس مقامي پي پي قيادت موتمار ڌمڪيون ڏيندي رهي هئي. جنهن خلاف هن اسلام آباد ۾ احتجاج به ڪيو هو ۽ وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪري تحفظ جو مطالبو ڪيو هو ۽ هن کيس تحفظ جي خاطري ڪرائي هئي. جنهن بعد ڪجهه مهينن جي ٺاپر کانپوءِ سندس پر اسرار نموني قتل جو واقعو سامهون آيو آهي.










