ڪرائسٽ چرچ(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ ۾ قومي ڪرڪيٽ اسڪواڊ پنهنجو ٻيو ٽريننگ سيشن لنڪن يونيورسٽي جي انڊور هال ۾ مڪمل ڪيو.رپورٽن مطابق قومي اسڪواڊ جي سمورن رانديگرن ٽريننگ نيٽ سيشن ۾ شرڪت ڪئي.پريڪٽس سيشن ۾ فاسٽ بالر نسيم شاهه کي به بالنگ ڪندي ڏٺو ويو، قومي اسڪواڊ جو ٽريننگ سيشن 4 ڪلاڪ جاري رهيو.پاڪستان ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پنهنجو ٽيون ميچ سڀاڻي نيوزيلينڊ خلاف کيڏندو.واضح رهي ته پاڪستان هن وقت تائين سيريز ۾ ناقابل شڪست رهيو آهي. قومي ٽيم پنهنجي پهرين ميچ ۾ بنگلاديش ۽ ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏني هئي.ٽه ملڪي سيريز جي ٽئين ميچ ڪالهه نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش وچ ۾ کيڏي وئي، جنهن ۾ نيوزيلينڊ ڪاميابي حاصل ڪئي.










