اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو اسلام کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ چاهين ٿا.اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهو صرف ڳالهيون ڪندا آهن پر عمران خان سمورا ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي. شيخ رشيد چيو ته ڪجهه ماڻهو اسلام آباد جي طرف حسرت جي نگاهه سان ڏسندا آهن. الله نيتن جو ڦل ڏيندو آهي ۽ اوهان کي نيتن جو ڦل ڏئي رهيو آهي.شيخ رشيد چيو ته هن ملڪ ۾ ٽنگ ڇڪڻ وارن جي ڪابه کوٽ ناهي. اهي مانهو جن جا عقيدا به نٿا ملن اهي بهانا ۽ موقعي جي ڳولا ۾ هوندا آهن پر هنن کي خبر ناهي ته جنهن جو نالو عمران خان آهي ان ڪڏهن به شڪست کائڻ ناهي سکي.وفاقي وزير چيو ته ڪجهه مانهو اسلام کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ چاهين ٿا پر انشاءَالله وزيراعظم عمران خان اسلام ۽ ملڪ دشمنن کي شڪست ڏيندو. هن چيو ته الله جنهن کي چاهيندو آهي عزت ڏيندو آهي، حڪمراني ڏيندو آهي ۽ ڦري به وٺندو آهي. ڪجهه ماڻهو سمجهندا آهن ته هي حڪمراني اسان جي ڪري آهي.گهرو وزير چيو ته الله مون کي وزيراعظم عمران خان سان ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. عمران خان سان گڏ سياست ۾ آيو آهيان ۽ ان سان گڏ ئي ويندس. مون کي پوري اميد آهي ته عمران خان جي سمورن دشمنن کي شڪست نصيب ٿيندي.










