ڪاڪڙ جو آءِ ٽي ڪلاس جو دورو، قدمن جي ساراهه

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪلاس جو دورو ڪيو. نگران وزيراعظم کي شاگردن کي سيکاريل مضمونن بابت آگاهي ڏني وئي. گورنر انٽيليجنس جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊينيل ناگوري نگران وزيراعظم کي پروگرام بابت آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري جي ان قدم کي ساراهيو ۽ چيو ته ان آءِ ٽي ڪورسز سان نوجوانن جو مستقبل روشن ٿيندو. هن وڌيڪ چيو ته آئي ٽي ڪورسز سميت عوامي ڀلائي لاءِ گورنر سنڌ جا سمورا قدم ساراهه جوڳا آهن. نگران وزيراعظم شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته توهان سڀني کي محنت ڪرڻ گهرجي ته جيئن توهان سڀ بهترين آئي ٽي پروفيشنل بڻجي سگهو.

پهنجو تبصرو موڪليو