ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو احتجاج ڪامياب، وزير استعيفي ڏئي ڇڏي

ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو احتجاج ڪامياب، وزير استعيفي ڏئي ڇڏي

نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) ڀارتي نوجوانن جي پارٽي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو پيپر ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي تقريبن ٻن مهينن کان جاري احتجاج رنگ لاتو، تعليم واري وزير دهرميندر پردهان پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو. ڀارتي تعليم واري وزير دهرميندر پردهان سوشل ميڊيا تي استعيفيٰ جو متن شيئر ڪيو جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي دهرميندر پردهان جو استعيفيٰ فوري طور تي منظور به ڪري ورتو. استعيفيٰ جي متن ۾ اڳوڻي تعليم واري وزير دهرميندر پردهان لکيو آهي ته منهنجا نوجوان ساٿيو، مان گذريل 4 ڏهاڪن کان وڌيڪ وقت کان شاگردن، استادن ۽ تعليم جي اصلاح لاءِ جاکوڙ ڪندو رهيس، مون کي هميشه کان اهو يقين رهيو آحي ته هڪ مضبوط، جامع ۽ وڏي سوچ وارو تعليمي نظام ئي مضبوط قوم جي بنياد هوندو آهي. مان ملڪ جي نوجوانن جي خواهشن، جذبن ۽ انهن جي جائز مطالبن جو احترام ڪريان ٿو. هن پنهنجي استعيفيٰ ۾ لکيو ته مئي 2026 تي ٿيندڙ NEET-UG جي امتحان ۾ بدانتظامي سامهون آئي، ڀارتي سرڪار فورن انهي جو نوٽيس وٺندي جاچ سي بي آءِ جي حوالي ڪئي ۽ امتحان ملتوي ڪري ٻيهر نئين تاريخ جو اعلان ڪيو ويو.دهرميندر پردهان جو چوڻ آهي ته منهنجو اهو عزم هو ته اسان ڪنهن به قابل شاگرد جي مستقبل کي امتحان مافيا جي ڪري تباهه ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪنهن به شاگرد سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين. هن وڌيڪ لکيو ته 16 جولاءِ تي اعلان ڪيل NEET-UG جا نتيجا ڀروسي جوڳي رهيا، جنهن ۾ غريب، پوئتي پيل طبقي کان آيل ڪيترن ئي شاگردن کي ڪاميابي ملي پر انهي دوران به ڪيترن ئي شاگردن کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ ذميوار عهدن تي ويٺل ماڻهن رنڊڪون وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سبب تمام گهڻو ڏک پهتو آهي.انهي حوالي سان ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تعليم واري وزير دهرميندر پردهان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، اهو سٺو عمل آهي، اسان جا سمورا مطالبا باضابطه لکت ۾ مڃيا ويا آهن. هاڻ اسان پنهنجن گهرن ڏانهن وينداسين، آچر تي سموري ملڪ ۾ پرامن طور تي مشعل بردار مارچ ڪنداسين.

ڪاڪروچ هڪ ڀيرو اچي وڃن ته ويندا ناهن،ڪاڪروچ جنتا پارٽي
ڀارت جي مرڪزي تعليمي وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ کانپوءِ ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جو سخت ردِعمل پڻ سامهون آيو آهي. تعليمي وزير جي استعيفيٰ بعد ڪاڪروچ جنتا پارٽي پاران سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (ٽويٽر) تي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ويو آهي ته ”ڪاڪروچ کٽي ويا ۽ جمهوريت جي سوڀ ٿي آهي. ٻئي پاسي، احتجاج ڪندڙ شاگردن سان خطاب ڪندي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي باني صدر ابهيجيٽ دپڪي چيو آهي ته جمهوريت ۾ جيڪڏهن اسان ڊڄي وياسين ته پوءِ اها ڪهڙي جمهوريت آهي؟ جيڪڏهن عوام پنهنجو آواز اٿاريندو ته اهي حڪمران لائين تي رهندا. هن چيو ته جيڪي پاڻ کي بادشاهه سمجهي ويٺا آهن، اهي اسان جي ووٽن جي ڪري ئي ڪرسيءَ تي آهن. هن وڌيڪ چيو ته تعليمي وزير جي استعيفيٰ کانپوءِ اسان جا ٻه وڌيڪ اهم مطالبا آهن، ڇاڪاڻ ته ڪاڪروچ هڪ ڀيرو اچي وڃن ته سوليءَ سان ويندا ناهن. پارٽي صدر مطالبو ڪيو ته احتجاج دوران خودڪشي ڪندڙ شاگردن جي خاندانن کي هڪ هڪ ڪروڙ رپيا معاوضو ڏنو وڃي ۽ پوليس پاران شاگردن تي ڪيل تشدد جي سخت جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيو ته پوليس ياد رکي ته ڪاڪروچ سان پنگو نه کڻي، جڏهن اسان هڪ وزير جي استعيفيٰ وٺي سگهون ٿا ته پوليس ڇا شيءِ آهي. پارٽي اڳواڻ سخت لهجي ۾ چيو ته احتجاج ڪندڙ شاگردن تي داخل ڪيل سمورا ڪيس فوري طور تي واپس ورتا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو