ڪاڇي ۾ پوليس سرپرستي هيٺ وڻن جي واڍي جاري

ڊرگھ بالا )جي ايم لنڊ) ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾ وڻن جي واڍي وارو غيرقانوني ڪم قانون جي رکوالن جي سرپرستي هيٺ جاري آهي ان سلسلي ۾ مليل معلومات موجب ڊرگھ بالا ،حاجي خان ،ھئيروخان,پٽ گل محمد قصبو,گاج بنگلوسميت ڪاڇي جي ٻين علائقن ۾ پوليس چيڪ پوسٽون ٿاڻا ۽ چوڪيون قائم هئڻ باوجود قيمتي وڻن جي ڪاٺ سان ڀريل روزانو ڪيترائي ٽريڪٽر تراليون پوليس ٿاڻن ۽ چيڪ پوسٽن کي ڪراس ڪري ڪارخانن تائين پهچن ٿا، جڏهن ته قيمتي وڻن جي ڪٽائي کي ڪاڇي واسين ۽ واپارين پنهنجو روزگار بڻائي ڇڏيو آھي. وڻن جي تيزي سان ڪٽائي سبب ڪاڇي ۾ وڻ ختم ٿي رهيا  آھن جڏهن ته ڪاڇي ۾ برساتن جو گھٽ پوڻ ۽ گرمي ۾ واڌ جو مُک ڪارڻ به علائقي ۾ وڻن جي گهٽتائي ٻڌايو وڃي ٿو، ان لاءِ ڪاڇي جي سڄاڻ ڌُرين پاران وس وارن اختيارين کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڪاڇي ۾ قيمتي وڻن جي واڍي جو نوٽيس وٺي ماحول دُشمن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو