ڪاڇي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ وارن علائقن ۾ ھن وقت هڪ وڏي الميي جنم ورتو آهي ۽ خبرون ملي رهيون آهن ته ٻوڏ ۾ متاثر ٿيل ڳوٺن جا رهواسي هن وقت بُکن ۽ بيمارين سبب زندگيون وڃائي رهيا آهن بيمارين جو سبب بڻجندڙ بُک سان گڏ شديد گرمي ماڻھن کي موت جي ٻه واٽي تي آڻي بيهاريو آهي. انهن کي هن وقت تائين نه رهڻ لاءِ ڪي ٽينٽ مليا آهن نه وري انهن لاء سرڪار ڪو ٽينٽ سٽي قائم ڪيو آهي. جن علائقن ۾ ماڻھون متاثر ٿيا آهن انهن مان مٺو پاڻي به ختم ٿي ويو آهي کوھ لٽجي وڃڻ ڪري رهواسي نئن گاج جو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، سرڪاري انتظامن ۽ امدادي ڪارواين ۾ دير ۽ روڊن جي بحالي نه ٿيڻ سان ڪاڇو انتهائي ڏُکين حالتن مان گذري رهيو آهي. هڪ قدرتي مصيبت هنن کي برباد ڪيو آهي ته ٻي طرف انتظامن جي کوٽ ڪري هزارين ماڻھن ۾ هن وقت بک خوفناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آهي. علائقي ۾ کاڌي پيتي جون شيون مڪمل طرح ختم ٿيڻ ڪري ماڻھو لنگهڻ ڪاٽي رهيا آهن. ڪاڇو تباهي جي هڪ تاريخي ڪهاڻي بڻجي سامهون اچي ويو آهي. سرڪار ته پنهنجي طرف کان جيڪي ڪوششون ڪيون آهن انهن جو ثمر متاثر علائقن تائين اڃا تائين نه رسي سگهيو آهي جن ماڻھن جي گهرن جا منظر موئن جي دڙي جو ڏيک ڏئي رهيا آهن انهن کي سرڪار طرفان آفت زده قرار ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ڪاڇي جون 80 ديهون شامل ڪيون ويون آهن هن آيل مصيبت ۾ ڦاٿل ڪاڇي جون حالتون ڀيانڪ منظر پيش ڪري رهيون آهن جتي به نئن گاج جي پاڻي سبب تباهي ٿي آهي اهي ڳوٺ, ويڙھا, وسنديون قبرستانن جو ڏيک ڏئي رهيون آهن.

ڪيترائي ڳوٺ ويڙھا ڌرتيءَ تان ايئن ميسارجي ويا آهن ڄڻ ڪو هتي پهرين ڪي انساني آباديون نه پر بيابان برپٽ ھئا. پاڻيءَ ۾ ماڻھن سان گڏ جانورن جي لڙهڻ جا دل ڏاريندڙ منظر به نظر آيا ۽ هزارين ماڻهون پاڻي جي خونخوار وهڪرن ۾ ڦاسڻ کان پوء سنڌ سرڪار ۽ دادو ضلعي انتظاميه کي دردمندانه اپيل ڪندي ڏٺا ويا جن وڻن تي چڙھي جانيون بچايون. جن ماڻھن پنهنجن گهرن ۾ اڌ رات تائين سڪون واري ننڊ ڪرڻ کانپوءِ جڏھن هو بيدار ٿيا ته پاڻي جا خونخوار وهڪرا انهن کي ايئن گهيري ويا ڄڻ هنن جي لاء موت جي ڪوڙڪي وڇائجي ويل هئي. جنهن مان نڪرڻ جو هنن کي پاڻي ڪو موقعو ئي نه پئي ڏنو، آهستي آهستي جيئن ئي سج جا ڪرڻا ڌرتي تي روشني ڪرڻ لڳا تيئن تيئن ايستائين پاڻي پوري ڪاڇي جي وسندين واهڻن کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پوءِ ته بس هرطرف معصوم ٻارن جا ڪيهاٽ هئا. نئن گاج جا وهڪرا شينهن جي گجگوڙ جيان ماڻھن جو هانءُ ڏاري رهيا هئا، جنهن کان بچڻ لاء ڦاٿل ماڻھن فون ڪري سرڪار توڙي سماجي تنظيمن کان مدد جون اپيلون پئي ڪيون پر, انهن وهڪرن جي خوف سرڪار کي به ڊيڄاري ڇڏيو جنهن ترت ئي بيان جاري ڪيو ته موسمي حالتن سبب ڦاٿل ماڻھن کي ڪڍڻ جو ڪوبه هن وقت چانس نظر نٿو اچي. ڪاڇي واسين تي مصيبت بڻجڻ کانپوءِ پاڻي جو جڏھن رُخ ايف پي بند جوهي ڏانهن ٿيو ته انتظاميه ۽ چونڊيل نمائندا سڄي مشينري ساڻ ڪري ترت جوهي بند تي پهتا جتي پاڻي جو سونامي جهڙيون ڇوليون ڏسي جوهي تعلقي کي خطرو قرار ڏئي شهرين کي نڪرڻ جو حُڪم ڏنو ويو پاڻي جي خطرناڪ ۽ سنگين حالتن کي ڏسڻ لاء چونڊيل نمائندن ۽ وزير اعلي سنڌ طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته اتر سنڌ ۾ برساتن جي اهڙي خطرناڪ وارننگ جاري ٿيل نه هئي جيڪڏھن اهڙي صورتحال ڏسي ڪاڇي واسين کي پاڻمرادو نڪرڻ کپي ها ان بيان بعد ايئن محسوس ڪيو ويو ته ڪاڇي واسين تي آيل هن مصيبت جو ڪنهن کي ڪو احساس ئي ناهي ٿيو,ٻوڏ کانپوء آبپاشي واري صوبائي وزير وزير اعلي سنڌ ۽ واپڊا چيئرمين سميت تمام سرڪاري مشينري هن وقت گاج بند ٽُٽڻ جا ڪارڻ ڄاڻڻ ۾ مصروف آهي ته ڪاڇي ۾ ان آيل مصيبت جون ذميوار ڪهڙيون ڌُريون آهن انهن خلاف ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ۽ انهن کي اهو ضرور محسوس ٿي رهيو آهي ته نئن گاج ۾ پهرين جيڪي ٻوڏون آيون انهن جو اصل سبب ئي گاج بند جي مرمت ۽ سنڀال نه ٿيڻ آهي ۽ ھاڻي جيڪڏھن انهن ذميوارن خلاف ڪا ڪاروائي ٿي به ته ڪاڇي واسين سان ٿيل هن ڪلور جي قيمت ته ادا نٿي سگهندي.

بحرحال ڪنهن وڏي سانحي ٿي وڃڻ کانپوءِ ان جا رخ جاچڻ جون ڪوششون ٿينديون آهن پر هي اکين ڏٺو سانحو آهي جنهن جي بار بار علائقي واسين پرنٽ ۽ سوشل ميڊيا وسيلي سرڪار کي آگاهي پئي ڏني. سيد مراد علي شاھ ڪاڇي ۾ آيل تباهي جي ذميواري موسميات کاتي تي وجهندي چيو ته هن کين آگاهه نه ڪيو، حالانڪ موسميات کاتي 4 ڏينهن اڳ خبردار ڪيو هو. هن ڪاڇي ۾ ايف پي بند جي دوري دوران آبپاشي کاتي جي لاپرواهي تي واسطيدار وزير سهيل انور سيال کي سزا طور گهر موڪلڻ جي ڳالهه زبان تي آڻڻ جي همٿ نه ڪئي، آبپاشي کاتي جنهن جي نااهلي سبب ٽُٽل گاج بند جا ڪروڙين رپيا کائي چٽ ڪيا ليڪن انهن کي اهو ذري برابر به خوف نه هو ته گاج بند جي زبون حالت ڪٿي ڪارڪردگي کي وائکو نه ڪري وجهي پر هن ڀيري ٿيو به ايئن آهي جتي وزير ۽ مشير , ڪامورا ,پرچيءَ ۽ سفارشن وسيلي مقرر ڪيا ويندا ته ڪاڇو اهڙن مصيبتن ۾ ڦاٿل ئي رهندو ڪڏھن ڏڪار ته ڪڏھن سُڪار ۾ ئي سڙندو رهندو هن وقت ڪاڇي جا متاثر ماڻھو جيڪي پنهنجي حياتي بچائڻ لاءِ ڀٽڪي رهيا آهن ، پر سندن مدد لاءِ سرڪار نه پهتي، وڏي وزير ۽ دادو جو موصوف منسٽرن کي ڪهڙي خبر ته انهن ڳوٺاڻي عورتن جي ذهنن تي ڇا گذريو هوندو، جيڪي چوڌاري پاڻي هوندي به کٽن تي ويٺل هيون ۽ خبر ناهي اهي بدنصيب ڪير هئا، جن جي گهر جي ويران اڱڻ تي کٽون ۽ ٻيو سامان ترندو رهيو، پر اهي الائي ڪهڙي مصيبت ۾ ۽ ڪٿي ڦاٿل هئڻ باوجود هن وقت تائين انهن پنهنجي همت ۽ جرئت کي قائم دائم رکيو آهي پر افسوس جو انهن جي مالڪي لاءِ صرف اڃا تائين وزٽ ئي ٿي رهيا آهن. ڪاڇي جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد هاڻي اهوئي نظر اچي رهيو آهي ته ڪاڇي واسين کي هي درد وندي جو ديس ٻيهر ٻڌڻ گهرجي يا ڇڏڻ گهرجي جتي هر پنجين ڏھين سال آيل تباهي کين سڀ ڪُجھه کسي ۽ مسمار ڪري وڃي ٿي آخر ڪيستائين ويهي ڪاڇي واسي سرڪار جي انهن لاپرواه ڪامورن جي ڪوتاهين جا ڪيل ڪلور برداشت ڪندا جنهن کان گاج جو بند ئي نٿو ٻڌي سگهجي جنهن جي ڪوتاهين تي سرڪار انهن کي ڪا سزا ڏيڻ لاءِ تيار ئي ناهي ته پوءِ ڀلا اچو ته اهڙو ڪوديس اڏيون جتي جيءُ به خوش جهان به خوش باقي ڪاڇي واسي هن وقت آيل تباهي مان وري ڏھاڪو کن سال معاشي ۽ مالي طور پوئتي ڌڪجي ويا آهن جن کي پاڻ سنڀالڻ لاءِ ئي وڏو وقت درڪار آهي. هن وقت تباهي هيٺ آيل گهر ڪڏھن اڏجي سگهندا انهن ڪريل گهرن کي اڏڻ لاء لڏپلاڻ ڪرڻي پوندي زمينن مان ڪروڙين رپين جي جن فصلن جي اميد هئي اهي به هن سال نه ٿي سگهندا سو سرڪار جي جن امدادن تي اميد لڳائجي ٿي ته اها امدادي رقم گهر جي ڊٺل هڪ گارڊر جي رقم به ادا نٿي سگهندي بهتر اهو آهي پنهنجي پونئير ۽ پنهنجي مستقبل ۽ سڪون واري زندگي خاطر ڪُجھه وقت لاء ڪاڇو ڇڏي ڪُجھه ڪرڻ لاءِ جتن ڪجن باقي هن علائقي کي ترقي ملڻ بجاءِ تباهيون پلئه پونديون جيڪي نسلن جو هميشه زيان ئي ڪنديون ڇو ته هي ڪاڇو صرف ڪمائي جو مهرو آهي جتان ڪروڙين رپيا ڪمائين باوجود سرڪاري طرفان ماڻھن کي سهولتون ڏيڻ لا ء هڪ پئسو به خرچ نٿو ڪيو وڃي سنڌ ڌرتي جي هن ديس سان دشمنن وارو وير ڪڏھن به ختم نٿي سگهندو ان لاء سرڪار لاء سوچڻو نه پر پنهنجي لاء ڪُجھه ڪرڻ جي ضرورت آهي.










