ڪاڇي ۾ ٻن هفتن کان بجلي بند، ويڪسين خراب ٿي ويون

ڪاڇي ۾ ٻن هفتن کان بجلي بند، ويڪسين خراب ٿي ويون

ڊرگهه بالا (رپورٽ محمد اسماعيل لانگاھ)ڪاڇي جي مخلتف علائقن ۾ تيز طوفان اچڻ ڪري  ڊرگهه بالا. راڄو ڳنڊو. بھاول ٻٻر. احمد خان چانڊيو. اسماعيل لغاري. راڻو ٻٻر. ٽوھ ٻٻر. گزياڻي لنڊ. ڇڊي رستماڻي. پراڻي ڊرگهه. ٺٻائي لنڊ. فقير محمد لنڊ. پوٺو لنڊ. سڄڻ جي پئي. موسيٰ خان لنڊ ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن جي بجلي جا ٿنڀا۽ 11 ھزار وولٽيج جون تارون ڪرڻ سبب گذريل 16 ڏينھن کان بجلي بند ھجڻ ڪري علائقي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ پيدا ٿي ويئي علائقي واسي پيئڻ جو پاڻي ڏوراھن علائقن مان ڀرڻ لڳا. پري کان پيئڻ جو پاڻي ڀري اچڻ سبب في ڊٻو 40 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.

Photo Sindhyar

 بجلي نه ھجڻ سبب  رات جو مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي. ڪيترائي ماڻھو مليريا ۾ وٺجي بيمار ٿي ويا آهن. واپڊا جوھي بجلي جي بحالي لاءِ ڪي به ڪوششون نه ورتيون.  علائقي واسي سخت گرمي ۾ تڙپڻ لڳا. ٻئي پاسي ڪاڇي ۾ واحد ھليٿ سينٽر ڊرگهه بالا  تي بجلي نه ھجڻ سبب اسپتال ۾ نانگ بلا ۽ ڇتي ڪتي سميت ڪيتريون ويڪسين خراب ٿيڻ لڳيون. ھليٿ سينٽر جو انچارج عابد چانڊيو ٻڌايو ته بجلي نه ھجڻ سبب اسپتال ۾ پيل ويڪسين خراب ٿيڻ لڳي آھي. ھن  مھل ٻوڏ واري صورتحال آھي ۽ گرمي ۾ رات جو نانگ بلا وارا مريض  گھڻا اچڻ جو انديشو آھي. اسان وٽ بجلي ناھي ته ويڪسين نٿا ڪري سگھون.  ٻئي طرف واپڊا جي ايس ڊي او جوھي جھنڊو جمالي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪريل ٿنڀا ۽ 11 ھزار وولٽيج جون ٽٽل تارن جي بحالي لاءِ اسان مٿي لکيو آھي. ۽  جئين  ٿنڀا ۽ تارون اينديون ته ھڻي بجلي بحال ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو