ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ سمورن صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽرين، پرنسپل سيڪريٽرين ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. سنڌ ڪابينا 1.71 کرب رپين جي ٽيڪس فري بجيٽ پيش ڪري ڇڏي ، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هي بجيٽ غريبن لاءِ بجيٽ آهي،هن بجيٽ ۾ سماجي تحفظ ۽ معاشي استحڪام لاءِ قدم کنيا ويا آهن هي شاندار بجيٽ ڪابينا جي ميمبرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار سان تيار ڪئي وئي آهي ، صوبائي وزير گيانچند اسراڻي ڪابينا کان مطالبو ڪيو ته ڪوهستان ۾ صحت جي سهولتن لاءِ خاص پيڪيج ڏنو وڃي.











