محراب پور (ن س)هاري تحريڪ ۽ سچل ڪميونٽي پاران سنڌ هاري ڪميٽي جو اڳوڻو مرڪزي صدر ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ٻي ورسي پبلڪ لائبرري ۾ ملهائي وئي. ورسي تقريب ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جا اڳواڻ، سگا اڳواڻ، سچل ڪميونٽي ،سياسي سماجي اڳواڻن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ورسي تقریب کي ميانداد خاصخيلي، غلام رسول ناطق، ضمير شيخ، فداحسين سولنگي، ڪامريڊ ولايت حسين نوناري، اقبال گاڊهي ،خواجه غلام اڪبر ،اختر حسين سهتو، نور محمد ڦرڙو، مختيار حسين راڄپر، دودل خان نوح پوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اڄ سنڌ هاري ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ غلام رسول سهتو جي ٻي ورسي ملهائي رهيا آهيون. ڪامريڊ غلام رسول سهتو هميشه مظلومن جو آواز بلند ڪندڙ انسان هو. ڪامريڊ سڄي جمار مظلومن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ انسان دوست ماڻهو هو. ڪامريڊ مظلومن جي حقن خاطر جيلن جون سختيون برداشت ڪيون ۽ ڪڏهن به جھڪڻ واري آڻ نه مڃي. ڪامريڊ پاران سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف اسلام آباد ۾ مرڻ گهڙيءَ تائين بک هڙتال ڪئي وئي. هنن وڌيڪ چيو ته ڪامريڊ روزاني سنڌ اخبار حيدرآباد جو پبلشر پڻ رهيو ۽ صحافتي مورچي تان مظلومن جو هميشه آواز بلند بلند ڪندو رهيو ۽ سندس ڪيل خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.










