ڪافي عرصي کان الحاد ڏانهن مائل هئس، يشما گل

ڪافي عرصي کان الحاد ڏانهن مائل هئس، يشما گل

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) مشهور پاڪستاني اداڪارا يشما گل چيو آهي ته هوءَ ڪجهه وقت لاءِ الحاد ڏانهن مائل هئي، پر تحقيق کان پوءِ ايمان ڏانهن موٽي آئي.اداڪارا يشما گل هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ انڪشاف ڪيو ته هن ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ کان ماضي ۾ قسمت ۽ انساني مرضي ۽ پسند بابت پڇيو هو.يشما چيو ته هوءَ ڪجهه وقت لاءِ الحاد ڏانهن مائل هئي، پر تحقيق کان پوءِ ايمان ڏانهن موٽي آئي.يشما پڇيو هو، ‘جيڪڏهن قسمت اڳ ۾ ئي لکيل آهي، ته پوءِ انساني پسند ڪٿان ايندي؟’، جنهن تي ڊاڪٽر نائيڪ جواب ڏنو هو ته الله ڄاڻي ٿو ته ڪو ماڻهو ڪهڙو رستو اختيار ڪندو، پر چونڊ ماڻهو پاڻ ڪندو آهي.تازي پوڊ ڪاسٽ ۾، يشما پنهنجي ذاتي تشريح جي وضاحت ڪندي چيو ته، ‘هر روز هڪ شخص جي سامهون ڪيترائي دروازا کُليندا آهن ۽ هو انهن مان هڪ کي پنهنجي آزاد مرضي سان کوليندو آهي. تاهم، هن پسند جا نتيجا اڳ ۾ ئي لکيل آهن. سندس مطابق، الله سان تعلق جيترو مضبوط هوندو، اوترو ئي بهتر هدايت هوندي ته ڪهڙو دروازو کوليو وڃي.هن ايمان کي ريڊيو سگنل سان تشبيهه ڏني ۽ چيو ته، “جيئن ريڊيو تي آواز صحيح فريڪوئنسي تي اچڻ کان پوءِ واضح طور تي ٻڌو ويندو آهي، ايمان کي ذڪر ۽ دعا سان چارج ڪرڻ گهرجي ته جيئن الله جي هدايت واضح طور تي حاصل ڪري سگهجي. يشما گل هڪ مشهور پاڪستاني ٽي وي ۽ فلم اداڪاره آهي، جنهن 2016 ۾ آسٽريليا ۾ نفسيات جي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو.

پهنجو تبصرو موڪليو