ميرپور ماٿيلو(ظهير وسير) قومي شاهراهه تي ڪار ڪيريئر ڪارگو ٽريلر تيز رفتاري سبب ايس ايس پي آفيس سامهون ڪلٽي ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالر مٿان لوڊ ٿيل 5 کان وڌيڪ گاڏيون ڪري چٻيون ٿي ويون. ٽرالر پنجاب کان ڪراچي وڃي رهيو هو ته حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ڊرائيور ۽ ڪلينر زخمي ٿي پيا آهن جن کي ميرپورماٿيلو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










