ڪار ڦر دوران مزاحمت تي آمريڪا ۾ پاڪستاني قتل

ڪار ڦر دوران مزاحمت تي آمريڪا ۾ پاڪستاني قتل

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي گادي واري شهر ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جو اهم ميمبر عبدالرئوف ميري لينڊ جي شهر آڪس هيل ۾ ڪار اسنيچنگ جي واقعي دوران فائرنگ ڪري مارجي ويو. رپورٽ موجب مقتول عبدالرئوف جي وارثن جو چوڻ آهي ته ڪار ڦرڻ واري واقعي ۾ مزاحمت ڪرڻ تي ڌاڙيلن کيس ويجهو کان 3 گوليون هنيون. ياد رهي ته ٻه سال اڳ اليگزينڊريا پوليس ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ عورت آفيسر کي بهادري جو تمغال ڏنو ويو هو جنهن تي مقامي غنڊن پاران لوهي سلاخن سان حملو ڪندڙ عورت کي بازياب ڪرايو ويو هو. لڳ ڀڳ 18 سالن کان، سندس چٽني ريسٽورنٽ واشنگٽن ڊي سي ۾ پاڪستاني ۽ هندستاني برادرين لاءِ سماجي ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز رهيو آهي. ياد رهي تهگذريل سال 66 سالن جو پاڪستاني آمريڪي محمد انور کي به واشنگٽن جي نيشنل پارڪ واري علائقي ۾ ڪار اسنيچنگ جي واقعي ۾ قتل ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو