ڪارڪردگي ريورس گيئر لڳي ويو،پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

ڪارڪردگي ريورس گيئر لڳي ويو،پاڪستان کي نيوزيلينڊ هٿان شڪست

ڪرائس چرچ(ويب ڊيسڪ)نيوزيلينڊ ۾ ٻن ميچن ۾ سٺي ڪارڪردگي کانپوءِ پاڪستاني ٽيم ٽئين ميچ ۾ ريورس گيئر ۾ اچي وئي.نيوزيلينڊ ۾ ميدان به ساڳيو ۽ مخالف ٽيم به ساڳي، پر پاڪستان جي ڪارڪردگي به ساڳي ناهي رهي.ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان نيوزيلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 130 رنسون ٺاهيون.سمورين بالرن کيڏڻ باوجود قومي ٽيم جو ڪو به بيٽسمين هڪ ڇڪو به نه لڳائي سگهيو، جڏهن ته ميچ ۾ بائونڊري جو تعداد به گهٽ رهيو، پاڪستاني ٽيم ميچ ۾ 15 چوڪا هنيا.ان کان اڳ بنگلاديش خلاف سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان 4 ڇڪا ۽ 18 چوڪا هنيا جڏهن ته نيوزيلينڊ خلاف ٻئين ميچ ۾ قومي ٽيم هدف جو تعاقب ڪندي ميچ ۾ مجموعي طور تي 3 ڇڪا ۽ 16 چوڪا هنيا.ياد رهي ته سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان بنگلاديش کي 21 رنسن تان شڪست ڏني هئي جڏهن ته ٻي ميچ ۾ نيوزيلينڊ کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏني هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو