ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀول ڀاليان 2 کانپوءِ ڪارٿڪ آرين فلم ”شهزاده“ ۾ پنهنجي اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو، جيڪا ايندڙ سال فيبروري ۾ رليز ٿيندي. بالي ووڊ جي نوجوان اداڪار پنهنجي ايندڙ فلم جي هڪ تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ هو ڊوڙندو نظر اچي رهيو آهي.ڪارٿڪ آريان ڪيپشن ۾ چيو ته نئين فلم 10 فيبروري 2023 تي رليز ٿيندي. ان کان اڳ فلم کي هلندڙ سال 4 نومبر تي رليز ٿيڻو هو پر ان جي رليز جي تاريخ تبديل ڪئي وئي آهي.فلم جو هدايتڪار روهت ڌون آهي ۽ ان ۾ ڪريتي سينن به ڪم ڪيو آهي.’شهزاده‘ ڪارتڪ ۽ ڪريتي جي ٻي فلم هوندي، ان کان اڳ ٻنهي 2019ع جي ’لوڪا چپي‘ ۾ گڏ ڪم ڪيو هو.










