صالح پٽ(ن س) سکر پوليس گرفتار ملزم جي نشاندهي تي ڪاري ڪري ماريل سندس زال جو لاش قبر ڪشائي بعد ڪڍرائي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪلي ڇڏيو.
ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي ڀاڻيجي کي قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار جوابدار ڪريم بخش شنباڻي تفتيش دوارن پوليس کي ٻڌايو ته هن پنهنجي ڀاڻيجي دلمراد تي ڪارنهن الزام ۾ فائرنگ ڪئي ته هو بچي ويو پر دلمراد جو ڀاءُ شرف الدين مارجي ويو.
جڏهن ته دلمراد ۽ سندس ٻيو ڀاءُ فدا حسين زخمي ٿي پيا. ملزم ڪريم بخش پوليس کي ٻڌايو ته هن پنهنجي 21 سالن جي زال بيبل کي قتل ڪري لاش زمين ۾ پوري مٿان پاڻي چڏي ڏنو هو. سندس نشاندهي تي پوليس لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اماڻيو آهي. سندس زخمي ڀاڻيجا اسپتال ۾ زير علاج آهن.