ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار دوران لاهين چاڙهين جو سلسلو جاري آهي. ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ شديد مندي ڏسڻ ۾ آئي، 2000 کان وڌيڪ پوائنٽس جي لاٿ سان پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 73 هزار 636 پوائنٽس جي سطح تي اچي ويو. واضح رهي ته گذريل ڪاروباري هفتي جي آخري ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هنڊريڊ انڊيڪس هڪ لک 75 هزار 802 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو. ٻئي پاسي انٽر بينڪ ۾ آمريڪي ڪرنسي جي قدر ۾ استحڪام ڏٺو ويو، ڊالر 277 رپيا 96 پيسن تي برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو