ڪارنهن جي شڪ تي ماروٽ قتل، جوابدار پوليس آڏو پيش

دڙو (امداد ميمڻ ) ڪارنهن جي شڪ تي ماروٽ کي ڪھاڙيون ۽ لٺيون ھڻي قتل ڪرڻ  بعد سندس لاش دڙو پنڃاري رانچ واھ ۾ لوڙھيو ويو. ٻن جوابدارن محبوب ولد ستار خاصخيلي ۽ رفيق ولد وسايو خاصخيلي طرفان 13 آڪٽوبر تي هنن اها واردات ڪرن جو پوليس آڏو ڏوه باسي ڇڏيو. سڳي مامي جي پٽ 21 سالن جي پورھيت رياض احمد ولد حاجن خاصخيلي کي بڪڪ موري واري علائقي مان ورغلائي وٺي ڳوٺ قاسم ڌماچ لڳ ڪھاڙين ۽ لٺين جا ڌڪ ھڻي کيس بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش کي واھ ۾ لوڙھڻ جو هنن اقرار ڪيو. 16 آڪٽوبر تي ڌمڌمون پوليس طرفان دڙو پنڃاري برانچ مان لڙھي آيل لاش کي سجاول لڳ برانچ واھ مان ڪڍرائي سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب ايڌھي ھوم ڪراچي حوالي ڪيو ويو ھو. جنھن کانپوء نوجوان رياض خاصخيلي جي وارثن طرفان دڙو ۽ ڌمڌمون پوليس سان رابطو ڪري نوجوان جي نڪتل لاش واري تصوير جي رياض خاصخيلي طور سڃاڻپ ڪئي. جنھن کانپوء نوجوان رياض خاصخيلي جي مبينا قتل ۾ ملوث جوابدارن محبوب خاصخيلي ۽ رفيق خاصخيلي پاڻ مرادو دڙو پوليس ٿاڻي تي اچي پنھنجي گرفتاري پيش ڪئي. جوابدارن دعويٰ ڪئي ته مقتول رياض خاصخيلي جا اسانجي ننگ سان ناجائز تعلقات ھئا. کيس اعتراض جوڳي حالت ۾ ڏسڻ بعد غيرت ۾ اچي قتل ڪيو آھي. ھوڏانھن قتل ٿيل نوجوان رياض خاصخيلي جي ماءُ فاطمه خاصخيلي ، مامون وڪيو خاصخيلي ۽ ٻين الزام ھڻندي چيو ته ڳوٺ جي سازشي ماڻھن ستار خاصخيلي, وسايو ۽ ايوب خاصخيلي جي بڇ تي اسان جي نوجوان رياض خاصخيلي کي زميني تڪرار تان بيگناھ قتل ڪيو ويو آهي. فوتي ڪراچي ۾ مينھن جي واڙي تي مزدوري ڪندو ھو. جيڪو گذريل 13 آڪٽوبر آچر تي ڪراچي وڃڻ لاءِ گھران نڪتو ۽ موٽرسائيڪل خراب ٿيڻ سبب دڙي لڳ بڪڪ موري واري علائقي ۾ پھتو. جتي اڳ ئي موجود جوابدار محبوب ۽ رفيق خاصخيلي کيس مارڻ جي ارادي سان ورغلائي وٺي ڳوٺ قاسم ڌماچ وٽ  قتل ڪيو. لاش ايڌي ھوم سھراب ڳوٺ مان وصول ڪري ڳوٺ آڻي دفن ڪيو. ھنن چيو ته اسان سان ظالمن وڏو ظلم ۽ قھر ڪيو آھي. مٿن ڪيس داخل ڪري ڦاھي جي سزا ڏني وڃي.دڙو پوليس جي ايس ايڇ او بخشل ملاح رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد متاثر ڌر جي فرياد تي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو