ڪارنهن جي الزام هيٺ ڏير هٿان بيواهه ڀاڄائي قتل

خانپور (زبيرگل) رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ حبيب جتوئي ۾ صبح سوير ڏير عطر جتوئي پنهنجي ڀاڄائي ٻن ٻارن جي ماءُ اياز خاتون کي بندوق جا فائر ڪري موقعي تي ئي قتل ڪري فرار ٿي ويو . اهڙو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو جنهن لاش کڻي خانپور اسپتال آندو جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي حسينا جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي سوٽ اياز خاتون کي سندس ڏير عطر فجر مهل  بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي قتل جو ڪارڻ جي سوال ۾ ٻڌايو ته خبر ناهي هن اهڙو قدم ڇو کنيو منهنجي سوٽ بيواهه ٻن ٻارن جي ماءُ آهي اسان سان وڏو ظلم ٿيو حڪومت ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو آهي ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.  رابطو ڪرڻ تي رستم پوليس ٻڌايو ته ڳوٺ حبيب جتوئي لڳ “گهر پنهنجا ۾” ڏير پنهنجي ڀاڄائي کي ڪارنهن جي شڪ ۾ قتل ڪري فرار ٿي ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو