ڪارنهن جي الزام هيٺ مڙس زال کي ڪهي ڇڏيو

عادلپور)ن س) صالح مهر ڀرسان حاجي غلام رسول جي ڪوپ تي ڪارنهن الزام هيٺ وحشي مڙس ثناءُالله ماڇي پنهنجي ٻن ٻارن جي ماء 30 سالا رشيدان کي تيز ڌار اوزار  سان قتل ڪري لاش گھرن ويجھو زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل وٽ پوري ڇڏيو. مقتول ناري جي ڀيڻ فريدان ۽ ڀاءُ هزارو جي اطلاع ڏيڻ تي عادلپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ڪڍائي پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليو آهي. عادلپور ٿاڻي جي وڏي منشي دين محمد ملڪ سنڌيار کي ٻڌايو تہ پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد جاچ اڳتي وڌائينداسين. هن ٻڌايو ته جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويو آهي. هن ٻڌايو ته مقتولا جا وارث بڊاڻي جا رهائشي آهن. وارثن جي دعويٰ آهي ته سندن ڀيڻ کي سندس مڙس ناحق  ڪارنهن جو الزام هڻي  ڳلو ڪپي ڪهين ڪري لاش پوري ڇڏيو هو. وارثن جو چوڻ آهي ته قاتل جي ڀاءُ ڀورل گذريل رات کين فون ڪري ٻڌايو تہ اوهان جي ڀيڻ کي ڪارنهن جي الزام هيٺ قتل ڪري سندس لاش زمين ۾ لڳل ٽيوب ويل جي کڏي ۾ پوريو ويو آهي. مقتوله ٻن پٽن جو اولاد آهي، جن جا نالا  اعجاز ۽ امتياز ٻڌايا پيا وڃن. هڪ جي عمر پنج سال ۽ ٻي جي عمر ٽي سال آھي. قاتل  ڇھ مهينا اڳ هتي هارپو ڪرڻ آيو هو، اصل بڊاڻي جا رھواسي آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو