ڪارنهن تڪرار تان پيرسن جي تذليل، ڪهاڙين ۽ ڇرين سان زخمي

اوٻاوڙو )اسد علي گهنڃو) ڏهرڪي لڳ ڳوٺ نئون ڪوٽ ۾ لاڙڪ برادري ۾ 5 سالن کان هلندڙ ڪارنهن جي پراڻي تڪرار تان ڪارنهن الزام هيٺ آيل عنايت الله لاڙڪ جي پيرسن والد شير محمد لاڙڪ مٿان ڳوٺ ٻاهران منهن تي ڪارو تيل هڻي انسانيت سوز تذليل جو نشانو بڻائي مٿي ۾ ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري کيس زخمي ڪيو ويو. چاچي کي ڇڏائڻ لاء پهتل ڀائٽي امان الله لاڙڪ کي به ڪهاڙيون ۽ ڇريون هڻي زخمي ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ تذليل جو نشانو بڻيل زخمي شير محمد لاڙڪ ڏهرڪي اسپتال ۾  ٻڌايو ته مان ڳوٺ کان شهر طرف اچي رهيو هيس ته گل حسن لاڙڪ ,غفور لاڙڪ,نواب لاڙڪ امداد لاڙڪ ,قربان لاڙڪ, مون کي روڪي منهنجي منهن تي ڪارو تيل هاريو,مان دانهون ڪيون ته هنن منهنجي مٿان ڪهاڙين ۽ ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو۽ منهنجي ڀائٽي امان الله کي ڪهاڙيون ۽ ڇريون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو ,هن چيو ته پنج سال اڳ منهنجي ڀاء علي شير لاڙڪ جي ڌيء سلطانه عرف جمالان لاڙڪ جي شادي گل حسن لاڙڪ سان ٿي هئي ,گل حسن پنهنجي زال مٿان پنهنجي ڀاء نورحسن سان الزام ڏيئي گهران ڪڍي ڇڏيو هيو,اسان جمالان جي خلع لاء ڪورٽ ۾ درخواست ڏني ته گل حسن وارن منهنجي پٽ عنايت الله تي ڪارنهن الزام ڏيئي ڇڏيو، هن چيو ته مونسان ظلم ڪيو ويو آھي,ڏهرڪي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء ڇاپا هڻي رهي آھي انسانيت سوز واقعو ڪندڙن کي هر گز معاف نه ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو