ڪارنهن تڪرار، ٽن سڳن ڀائرن سميت 4 قتل 2 زخمي

ڪارنهن تڪرار، ٽن سڳن ڀائرن سميت 4 قتل 2 زخمي

غوثپور (عبدالنبي ملڪ)ڪچو ڪيٽي واري علائقي ڳوٺ قبول اوڳاھي ڀرسان اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ڀڙڪي اٿيو۔ ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن سان فائرنگ ۾ چار ڄڻا اميد علي۔ محمد علي۔ سعيد علي ۽ محمد بخش اوڳاھي مارجي ويا۔ 2ڄڻا سخت زخمي آهن. مارجي ويل اميد علي۔ محمدعلي ۽ سعيد علي پاڻ ۾ ڀائر آھن۔ علائقي ۾ ڏھڪاءُ ڦهلجي ويو آهي. ڪچو ڪيٽي واري علائقي ۾ خدن عرف خدابخش ۽ ڪرو عرف ڪريم بخش اوڳاھي جي ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان جھيڙو ھلندڙ ھيو اڱاري تي ٻيھر ٻنھي ڌرين ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن ۾ خدن واري ڌر جا ٽي ڄڻا اميد علي۔ محمد علي ۽ سعيد علي جيڪي پاڻ ۾ سڪا ڀائر ھئا موقعي تي مارجي ويا ۽ ڪريم بخش واري ڌر جو ھڪ ڄڻو محمد بخش مارجي ويو۔ جھيڙي دوران فائرنگ ۾ 2 ڄڻا ڪريم بخش سميت سخت زخمي آھن۔ واقعي جي اطلاع بعد به پوليس واقعي واري ھنڌ نه پھتي آھي جڏھن ته پوري ڳوٺ ۾ سوڳ واري ڪيفيت آھي ۽ مقتولن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي۔ لاش واقعي واري ھنڌ پيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو