دادو( ادل مهيسر) نوجوان مٿان ڪارنهن تهمت جو الزام هڻي حملي آورن پاران وار، ڀرون ۽ مڇون ڪوڙي تذليل ڪرڻ واري عمل خلاف سولنگي برادري جي عورتن، مردن ۽ ٻارڙن طرفان پريس ڪلب اڳيان پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاهرين نظير سولنگي، مسمات شمي سولنگي، مسمات بينظير سولنگي ۽ ٻين دانهيو ته 2 سال اڳ محمد صديق سولنگي وي سي رکي هئي جنهن مان هڪ ميمبر ماڪوڙو ٻٻر وي سي جا هڪ لک روپيه صديق کي ڏيڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد ٻنهي ۾ جهيڙو ٿي پيو هو ۽ وري ٻٻر برادري جي ماڻهن صديق ۽ سندس ڀاءُ غلام قادر سولنگي مٿان ڏنڊن سان حملو ڪيو جنهن سبب ٻئي ڀائر سخت زخمي آهن جن کي سول اسپتال دادو ۾ داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته حملي آورن صديق جا وار، ڀرون ۽ مڇون ڪوڙي انهن کي تذليل جو نشانو بڻايو آهي، دادو جي بي سيڪشن پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مظاهرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو ته حملي آورن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف سولنگي برادري جا زخمي سيڪنڊ سول جج اينڊ جڊيشنل مئيجسٽريٽ جوھي ايٽ دادوجي عدالت ۾ پيش ٿيا ته عدالت پاران زخمين کي 8 ڏينھن جي جوڊيشنل رمانڊ تي پوليس ڪسٽڊي ۾ علاج لاءِ سول اسپتال دادو حوالي ڪيو ويو.










