ڪارنهن تان پتافين ۾ جهيڙو هڪ زخمي

ڪارنهن تان پتافين ۾ جهيڙو هڪ زخمي

داد لغاري(نديم مھر) ڳوٺ جادو پتافي ۾ برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل هڪ سال کان هلندڙ پراڻو تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو آهي، ڪارنهن جي الزام هيٺ آيل عبدالغفار جي گھر مٿان حملو ڪري گھر اندر گھڙي پسٽل جا فائر ڪري ننڊ پيل عبدالحفيظ پتافي کي سيني ۾ گولي هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، سيني ۾ گولي لڳڻ سبب نوجوان جي حالت انتهائي نازڪ هجڻ ڪري داد لغاري پوليس پهچي علاج لاء ميڊيڪل ليٽر ڏئي سول اسپتال ميرپور ماٿيلو موڪلي ڇڏيو آهي  هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي زخمي جي ڀاءُ رفيق پتافي جو چوڻ آهي ته  جوابدار پنهون, عمران ۽ ستار پتافي وارن هڪ سال اڳ اسان جي سئوٽ عبدالغفار پتافي مٿان ڪارنهن جو الزام مڙهيو هو. رابطي ڪرڻ تي داد لغاري ٿاڻي جي ايس ايڇ او زاهد ميراڻي ٻڌايو ته فريادي ڌر اڃا تائين ڪيس داخل ڪرائڻ لاء ٿاڻي تي نه پهتي آهي جن جي پهچڻ بعد حملي ۾ جيڪي به جوابدار ملوث هوندا انهن مٿان ڪيس داخل ڪري ڪاروائي ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو