ڳڙهي ياسين/ ڪوٽ لالو(نمائندن وٽان) ڪارنهن الزام هيٺ ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ محبت مارفاڻي ۾ نوجوان قتل، ناري ڀڄي جان بچائي ورتي. جڏهن ته ڪوٽ لالو ۾ ريل جي پٽڙي پار ڪندڙ پنج سالن جي نينگري فوت ٿي وئي. ڳڙهي ياسين مان شفيق مهر موجب دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محبت مارفاڻي ۾ جوابدارن بھادر ۽ ملھار مارفاڻي پنھنجي سئوٽ سڌير مارفاڻي کي نوجوان ڀيڻ مسمات راڻي سان ڪارنھن جو الزام مڙھي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو بعد ۾ جوابدارن زمين تي ڪم ڪندڙ الزام ھيٺ آيل پنھنجي ڀيڻ مسمات راڻي مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني پر مسمات راڻي معجزانا طور پنھنجي جان بچائي واقعي واري ھنڌ تان فرار ٿي ڀر واري ڳوٺ ۾ پناھ ورتي. اطلاع تي ڪارنھن الزام ھيٺ مارجي ويل نوجوان جا وارث ھٿياربند ٿي واقعي واري ھنڌ پھتا ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا اطلاع تي دلاور مارفاڻي ٿاڻي جي پوليس نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال آندو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو ان موقعي تي مارجي ويل نوجوان جي ڀاءُ محمد يوسف ٻڌايو ته منھنجي ڀاءُ مٿان ڪارنھن جو لڳايل الزام ڪوڙو آھي. *** ڪوٽ لالو مان باغ علي موجب ريلوي اسٽيشن ڀرسان ڳوٺ درياخان چنا وٽ ريلوي پٽڙي ڪراس ڪندي پنج سالن جي نينگري نائله چنا ڌيءَ يوسف چنا کـي رحمان بابا ٽرين جو ٽڪر لڳڻ سبب نينگري موقعي تي فوت ٿي وئي.

جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ بعد پڊعيدن ريلوي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو نينگر جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.










