اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڪاررواين ۾ مداخلت واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو آهي.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راجا جواد عباس حسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جو وڪيل بابر اعواڻ ۽ پراسيڪيوٽر پيش ٿيا.پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل بابر اعواڻ چيو ته عمران خان زخمي آهي جنهن سبب هو پيش نٿو ٿي سگهي.عمران خان جي وڪيل طبي بنيادن تي پنهنجي موکل جي حاضري کان ڇوٽ جي درخواست به ڪئي، جنهن تي عدالت چيو ته زمان پارڪ مان عمران خان جي هڪ وڊيو جاري ڪئي وئي جنهن ۾ هو هلندي نظر اچي رهيو آهي.عدالت بابر اعواڻ کي مخاطب ٿيندي چيو ته عمران خان جي مستقل ضمانت لاءِ دليل ڏيو، هو 15 فيبروري تي اچي يا نه، ضمانت تي فيصلو ٻڌائينداسين.عدالت عمران خان جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪندي کيس 15 فيبروري تي طلب ڪري ورتو.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 فيبروري تائين ملتوي ڪندي عمران خان جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.










