ڪارساز سانحي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ذهني توازن وڃائيندڙ جيالي جو احتجاج

ڪارساز سانحي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ذهني توازن وڃائيندڙ جيالي جو احتجاج

ٽنڊوباگو(ن س) ڪراچي ۾ 18 آڪٽومبر 2007 تي ڪارساز سانحي ۾ ٿيل بم ڌماڪي ۾ ذهني توازن وڃائيندڙ ٽنڊوباگو جي جيالي محمد حنيف ملاح جي معصوم ٻارڙن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر پاران جيالي محمد حنيف ملاح جي گهر وارن لاء اعلان ڪيل ٻه نوڪريون، پڪي گهر ۽ ذهني توازن وڃائيندڙ جيالي محمد حنیف ملاح جي ٻارن جي تعليم جو خرچ واري اعلان تي عمل نه ٿيڻ تي ٻي ڏينهن ٽنڊوباگو پريس ڪلب اڳيان حنيف ملاح جي معصوم نياڻين گل بانو، نسيم ملاح ۽ پٽن ابراهيم ۽ محمد رحيم سان گڏ محمد حنيف ملاح جي ڀاءُ رمضان ملاح احتجاجي مظاهرو ڪري ڪيل اعلان تي عمل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي تي رمضان ملاح ٻڌايو ته ڪارساز سانحي کانپوءِ پوءِ پ پ جي حڪومت دوران پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ پ پ اڳواڻ فريال ٽالپر پاران حنيف ملاح جي وارثن کي ٻه نوڪريون ڏيڻ، کيس پڪو گهر ٺهرائي ڏيڻ ۽ حنیف ملاح جي ٻارن جو تعليمي خرچ ڀرڻ جي ڪيل اعلان تي ڪوبه عمل نه ٿي سگهيو آهي. هن ٻڌايو ته حنيف ملاح ڪارساز سانحي ۾ ذهني توازن وڃائڻ کان پوءِ پنج مهينا اڳ وفات ڪري ويو آهي. مرحوم جي گهر واري ۽ سندس اولاد فاڪا ڪٽي رهيا آهن. هن بلاول ڀٽو زرداري کي اپيل ڪئي ته سندس ڪيل اعلان تي عمل ڪري حنیف ملاح جي گهر واري ۽ ٻارڙن جي واهر ڪئي وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو