حيدرآباد(ن س)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سارين جا اگھ گهٽايا ويا آهن، ڪارخانيدار ڪٽوتي ڪري هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن. زرعي ڀاڻ، دوائون ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا تہ انهن جا هٿرادو اگھ ڪيرايا وڃن ٿا، جنهنڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ دوائن ۽ برساتي ٻوڏ جي ڪري سارين جي فصل کي وڏو نقصان ٿيو آهي ائين لڳي ٿو تہ سنڌ ۾ ڪا بہ حڪومت ناهي، زراعت سميت هر کاتو لاوارث بنيل آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي بدحال ڪيو ويو آهي. غير قانوني ڪٽوتي کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نقلي ٻج، ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جي ڪڌي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو وڃي. هن چيو تہ گذريل چئن سالن ۾ رڪارڊ مهانگائي وڌي آهي، جنهنڪري ماڻهو پنهنجن معصوم ٻارن سميت خودڪشي ڪري رهيا آهن. پورهيت، هاري، مزدور ۽ مسڪين ماڻهو انتهائي ڪسمپرسي واري حالت ۾ اچي ويا آهن. اٽو، چانور، گيھ ۽ ٻيو کاڌي پيتي جو سامان خريد ڪرڻ مشڪل ترين ٿيندو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت جون معاشي پاليسيون غريب دشمن آهن، امير طبقو وڌيڪ امير ٿي رهيو آهي. ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي. ڪرپٽ وزيرن لاء ڪو قانون ناهي.










