ڪابينه طرفان بجلي جي منظوري عوام مٿان بم ڪيرائڻ برابر آهي

ڪابينه طرفان بجلي جي منظوري عوام مٿان بم ڪيرائڻ برابر آهي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پي ڊي ايم سرڪار طرفان بجلي ساڍا ست رپيا في يونٽ تائين مھانگي ڪرڻ واري عمل جي سخت مذمت ۽ مھانگائي جي ماريل عوام مٿان بجلي ڪيرائڻ برابر قرار ڏيندي گهر ڪئي آھي تہ عوام جي حالت زار تي رحم ۽ اضافو واپس ورتو وڃي . ھن وڌيڪ چيو تہ آءِ ايم ايف جي ڊڪٽيشن تي پي ڊي ايم ڪابينا طرفان بجلي مھانگي ڪرڻ جي منظوري عوام سان سراسر ظلم آھي . حڪومت بجلي چوري لائن لاسز جي خاتمي بدران بجلي مھنگائي توڙي بلن ۾ ڳرا ٽيڪس لڳائي عوام کان جيئرو رھن جو حق بہ ڦريو وڃي ٿو . ھوڏانھن سکر ۾ تنظيمي اجلاس ۽ اسلامي جمعيت طلبہ جي ڊويزن تربيتي ورڪشاپ تي خطاب ڪندي سنڌ جي امير چيو تہ ڪرپٽ اشرافيا جو ٽولو پنھنجو عياشيون بند ڪرڻ بدران عوام کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو آھي . مھانگائي عوام جي زندگي زھر بڻائي ڇڏي آھي پر حڪمرانن جو عياشيون ختم ٿيڻ جو نالو ئي نہ ٿيو وٺن .عوام ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان پر حڪمرانن جا ڪتا بہ کير ۽ گوشت کائي رھيا آھن عوام کي ان ظالماڻي ۽ ٻٽي نظام خلاف اٿي کڙو ٿيڻ پوندو. ان موقعي تي علامہ حزب الله جکرو، سلطان لاشاري ۽ زبير حفيظ پڻ موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو