اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي چيمبر ۾ ٿيو، جنهن ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي ۽ ملڪي سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 26هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪابينا پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ملڪي حالتن جي بهتري لاءِ بهترين فيصلا ڪيا آهن. ڪابينا طرفان 26هين آئيني ترميم جي منظوري تي پوري قوم کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، ڪابينا اهو فيصلو ملڪي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي حلف جي پاسداري ڪندي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ ورتو.شهباز شريف چيو ته معيشت جي استحڪام کانپوءِ آئيني استحڪام ۽ قانون جي حڪمراني لاءِ سنگ ميل عبور ڪيو آهي، هو ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪندا رهندا. آئيني ترميمن جو مسودو هاڻي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.










