ڪابينا ڪارو ناڻو سفيد ڪرڻ بابت ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ايمنسٽي اسڪيم جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن کي صدارتي آرڊيننس ذريعي توقع آهي ته اڄ ئي لاڳو ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ايمنسٽي اسڪيم جي حوالي سان حفيظ شيخ تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن بعد اتفاق راءِ سان اسڪيم جي منظوري ڏني وئي. امڪان آهي ته ڪجهه هفتن کان دير جو شڪار هن اسڪيم بابت صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ئي صدارتي آرڊيننس جاري ڪندو. حفيظ شيخ موجب 30 جون تائين هن اسڪيم هيٺ پاڪستاني شهري ملڪ اندر ۽ پرڏيهه واري لڪايل ملڪيت ظاهر ڪري سگهندا. جيڪا ملڪيت ملڪ اندر رکندا ان تي ماليت جي چار سيڪڙو ٽيڪس ڏيندا ۽ پرڏيهه ۾ رکيل ملڪيت تي 6 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو هوندو. هن جو چوڻ آهي ته اسڪيم جو مقصد آمدني وڌائڻ ته آهي پر اصل مقصد معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ آهي جيئن بليڪ مارڪيٽنگ گهٽ ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو