اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا چيني ڪمپني کان ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ پيپرا رولز تحت ڊيوٽي کان ڇوٽ ۽ خريداري لاءِ 150 ملين ڊالرز رکڻ جي به منظوري ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ متبادل انرجي بورڊ جي سي اي او رانا عبدالجبار جي استعيفيٰ منظور، ڪابينا جي اجلاس دوران مڇ ۾ هزارا برادري جي 11 پورهيتن جي قتل واري واقعي تي افسوس جو اظهار، پريس ڪاونسل آف پاڪستان ۾ ميمبرز جَي نئين سر مقرري جِي به منظوري ڏني وئي.










