ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ محمد زبير وفاقي ڪابينا جي سائيز بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته 85 ميمبرن واري ڪابينا تمام گهڻي آهي، ان جي ڪير به حمايت نٿو ڪري سگهي.نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته اسان جو خيال آهي ته اميرن کي وڌيڪ بار کڻڻ گهرجي ۽ آءِ ايم ايف به اميرن تي ٽيڪس لڳائڻ چاهي ٿو.هن چيو ته عالمي منڊي ۾ مقابلي جي رجحان سبب برآمد ڪندڙن کي سبسڊي ڏني وڃي ٿي، صنعتن کي سبسڊي ڏني وڃي ٿي ته جيئن ملڪي مفاد ۾ برآمدات ۾ اضافو ٿئي.وفاقي ڪابينا بابت ڳالهائيندي محمد زبير چيو ته 85 ميمبرن تي ٻڌل ڪابينه تمام گهڻي آهي، ڪو به ان جي حمايت نٿو ڪري سگهي، ڪابينا جي اڌ کان وڌيڪ ميمبرن کي به سهولتون نه ڏنيون پيون وڃن، (ن) ليگ جي اڪثر ڪابينا ميمبرن جي آهي. ليگ بغير پگهار جي آهي ۽ رعايتن تي ڪم ڪري رهي آهي.










