آئيني ترميم جي منظوري، جوڙ توڙ عروج تي، پي ٽي آءِ جا 2 سينيٽر لوٽا؟

آئيني ترميم جي منظوري، جوڙ توڙ عروج تي، پي ٽي آءِ جا 2 سينيٽر لوٽا؟

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينه جو اجلاس اڄ ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ آئيني ترميمي مسودي جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي. اڄ طلب ڪيل اجلاس جو وقت 9 کان پوئتي ڪري 12 وڳي ڪيو ويو وري 2 وڳي چيو ويو پر اجلاس اڃا ناهي ٿي سگهيو. ساڳئي طرح پارليمان جي ٻنهي ايوانن جي اجلاسن جو به وقت هر هر تبديل ڪيو ويو آهي. آئيني ترميم جي منظوري لاءِ حڪومت جون سر ٽوڙ ڪوششون جاري آهن، سڄي سياسي کيل ۾ مولانا جو گهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آهي. بلاول ٽي ڀيرا مولانا سان مختلف وقت تي ملاقاتون ڪيون، اختر مينگل به پارٽي وفد سان گڏ مولانا سان ملاقات ڪري پنهنجي ميمبرن جي اغوا ٿيڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ بابت آگاهه ڪيو. بعد ۾ اسحاق ڊار ۽ محسن نقوي به مولانا وٽ آيا، بعد ۾ محسن نقوي اڪيلائي ۾ به ساڻس ملاقات ڪئي، پي ٽي آءِ جي وفد به مولانا سان ملاقات ڪئي. رات جو حڪومتي وفد اعظم نذير تارڙ به مولانا سان ملاقات ڪئي. بلاول ڀٽو جي يو آءِ جي نمائندن سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته پي پي ۽ جي يو آءِ ۾ 100 سيڪڙو اتفاق آهي اسين چاهيون ٿا ته مولانا پاڻ بل اسمبلي ۾ پيش ڪري. پي ٽي آءِ اڳواڻ گوهر خان چيو ته اسانجا 2 سينيٽر زرقا سهروردي ۽ فيصل سليم حڪومت جي قبضي ۾ آهن ۽ لڳي ٿو ته هو حڪومتي آئيني ترميم جي بل جي حق ۾ ووٽ ڏيندا.  اجلاس ۾ حڪومتي اتحادي پارٽين جي اتفاق راءِ جي نتيجي ۾ آئيني مسودي جي منظوري ملڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته وفاقي ڪابينا جو اجلاس گذريل ڏينهن شام ساڍي 7 وڳي ٿيڻو هو جنهن ۾ وفاقي وزير ۽ ڪابينه جا ميمبر شريڪ ٿيا پر ڪنهن پڌرائي کان سواءِ اجلاس بنا ڪارروائي جي ختم ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو