اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ پاڪستاني ڊپٽي هاءِ ڪمشنر تي حملي تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.سفارتي ذريعن موجب جوابدار پاڪستاني سفارتخاني ڀرسان عمارت جي اٺين ماڙ تي ترسيل هو ۽ هن پنهنجي فلور جي ٽن ڪمرن ۾ آءِ اي ڊيز وڇائي رکيون هيون.سفارتي ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سيڪيورٽي اختيارين جي پهچڻ تي جوابدار رسي جي مدد سان ٽپو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر کيس گرفتار ڪيو ويو.سفارتي ذريعن موجب جوابدار جي قبضي مان اي ڪي 47 رائفل، لانگ رينج جي رائفل، اسنائپر رائفل سميت ٻيا هٿيار هٿ آيا آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سيڪيورٽي اختيارين هڪ ٻئي شڪي شخص کي به حراست ۾ ورتو آهي.










