ٽن سالن جو ٻارڙو پير ترڪڻ سبب واهه ۾ ٻڏي فوت

ٿرڙي محبت (صدام حسين چانڊيو) ڳوٺ محمد صديق ڳن جي رهواسي پورهيت نديم لاکير رائيس ڪئنال ۾ مينهن کي پاڻي پياري رهيو ته سندس ٽن ورهين جو معصوم پٽ رحمان علي پيرترڪڻ سبب پاڻي ۾ ڪري پيو، علائقي واسين ۽ مقامي ٽوٻن  پاران هڪ ڪلاڪ جي ڳولا بعد ٻڏي ويل ٻارڙي کي ٻاهر ڪڍي کيس تعلقه اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪرڻ بعد فوتي ٻار جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته لاش گهر تي  پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو