ڪئنال متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڊرافٽ پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو

ڪئنال متاثرن جي بحاليءَ لاءِ ڊرافٽ پاليسي ٺاهڻ جو فيصلو

سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڪئنال متاثرن جي بحاليءَ لاءِ جوڙيل ري سيٽلمينٽ/الاٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين/وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي نثار احمد صديقيءَ جي صدارت هيٺ سکر آءِ جي ڪانفرنس روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر، ايڊيشنل ڪمشنر-ون اختر حسين قريشي، ضلع چيئرمين تقي ڌاريجو، ڊي سي سکر رانا عديل، ايس اي آبپاشي، ٽائون پلاننگ، پوليس، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن ۽ ڪميٽي ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪُنڍي فارم ويجهو مختص ڪيل 200 ايڪڙ زمين تي پلاٽن جي الاٽمينٽ ۽ ٻي رٿابنديءَ لاءِ ڊرافٽ پاليسي ٺاهي ويندي جنهن جي ذميواري ڊي سي سکر، رجسٽرار سکر آءِ بي اي، ميئر ۽ ٻين کي ڏني وئي. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته متاثرن کي ميرٽ تي ڪمپيوٽرائيزڊ قرعه اندازي ذريعي مرحليوار پلاٽ ڏنا ويندا، الاٽمينٽ جي عمل بابت پاليسي جوڙي ويندي. ري سيٽلمينٽ/الاٽمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين نثار احمد صديقي چيو ته ڪئنالن ڪناري حددخليون هٽائڻ واري جاءِ جي مالڪي ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن ٻيهر قبضا نه ٿي سگهن اُن لاءِ بهتر پلاننگ سان ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪئنالن جي انسپيڪشن پاٿس سان گڏوگڏ ڪنڍي فارم واري ڪالوني کي گوگل ميپ تي آندو وڃي ۽ جديد ضرورتن ۽ معيارن مطابق تحت ٽائون پلاننگ ڪئي وڃي، جنهن ۾ مسجد، پارڪ، اسڪول، اسپتال ۽ ٻين گهرجن جو خاص خيال رکيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ڊرينيج، واٽرسپلاءِ، بجلي ۽ ٻين سهولتن لاءِ به جوڳي پلاننگ ڪئي وڃي. نثار احمد صديقي جو چوڻ هو ته سکر جي انٽري پوائنٽ ڪئنالن جي ڪنارن کي خوبصورت بڻائڻو آهي، ان سان گڏوگڏ انسپيڪشن پاٿ طئي ٿيڻ کانپوءِ اُتي واڪنگ، جاگنگ ۽ سائيڪلنگ ٽريڪ به ٺاهيا وڃن. هن چيو ته ڪئنالن ڪناري سولر پلانٽس لڳائي اڌ شهر کي بجلي فراهم ڪري سگهجي ٿي جنهن لاءِ پلاننگ ڪئي ويندي. ڪميٽي پاران آبپاشي کاتي کي ڪئنالن ڪناري حددخلين هٽڻ کانپوءِ ملبو کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ پنهنجو رائيٽ آف وي طئي ڪرڻ جو چيو ويو، جنهن تي ايس اي ايريگيشن سهيل بلوچ چيو ته حددخليون هٽڻ وارو ملبو کڻڻ لاءِ 90 ڏينهن لڳي ويندا جنهن لاءِ سرڪار کان فنڊ پڻ گهريا آهن. ڪمشنر سکر ڊويزن شفيق احمد مهيسر چيو ته ٻيهر حددخليون ٿيڻ کان روڪڻ، ملبو هٽائڻ سميت ٻين معاملن جي نظرداري لاءِ سب ڪميٽي جوڙي ويندي جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر، ضلع ڪائونسل، ايڪسيئين ايريگيشن، ميونسپل ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا آفيسر ميمبر هوندا ۽ ملبو هٽڻ واري ڪم جي ماهوار اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ڪمشنر سکر وڌيڪ چيو ته انسپيڪشن پاٿ ۽ ايريگيشن جي حدن جو تعين ڪري ٻڌايو وڃي ته جيئن بيوٽيفڪيشن پلاننگ ڪري سگهجي. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن تحت ڪنڍي فارم وٽ 200 ايڪڙ زمين ڪئنال متاثرن لاءِ وقف ڪئي وئي آهي جنهن تي شهيد بينظيرڀٽو هائوسنگ سيل تحت اسڪيم تيار ڪئي پئي وڃي، جنهنڪري ڪميٽي ۾ بينظير هائوسنگ سيل جي نمائندي کي به شامل ڪيو ويندو. ري سيٽلمينٽ/الاٽمينٽ ڪميٽي جو اجلاس 15 ڏينهن بعد ٻيهر گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو