کچي برادري پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي امداد

کچي برادري پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ دوائن جي امداد

ڊرگھ بالا(ن س)ڪاڇي جي شهر بالا ۾ کچي اتحاد جي ڊويزنل صدر عطاءُ الله کچي پاران برادري جي مرڪزي اتحاد اڳواڻن طرفان مختلف بيمارين ڊائريا. مليريا ٻين بيمارين کان بچاءُ واريوم موڪليل دوائون ٽي سئو جي لڳ ڀڳ کچي برادري جي عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن ۾ تقسيم ڪيون ان موقعي تي هن چيو ته کچي برادري جي مرڪزي اڳواڻن پاران دوائون موڪليون ويون آهن جيڪي پنهنجي برادري جي عورتن ٻارن ۽ مردن کي ڏنيون آهن هن وقت خاص طور مليريا جي وبا بيماري وبا طور پکڙيل آهي پر صحت کاتي متاثر ماڻھن جي ڪابه واهر نه ڪئي ماڻھون بيماري سبب انتهائي پريشان آهن منهنجي اولين ڪوشش آھي ته برادري جي سڀني بنيادي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرائندس ان موقعي تي هن کچي مرڪزي اڳواڻن جو شڪريو ادا ڪيو هن چيو ته هن وقت بيماري ۾ بيحال ٿيل ماڻھن کي جتي هڪ گوري وٺڻ جي وصيعت ناهي اتي هزارين رپين جون دوائون ڏيڻ انسانيت جي خدمت جو فرض سمجهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو