کنڊ ذخيرو ڪرڻ تي 8 گدام سيل 600 ٻوريون هٿ

کنڊ ذخيرو ڪرڻ تي 8 گدام سيل 600 ٻوريون هٿ

گهوٽڪي(ن سنڌيار)ڏيوري روڊ تي چندر لال ۽ واشو رام جي راجا ٽريڊر گدام ۾ کنڊ ذخيرو هئڻ واري خبر هلڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس ورتو. سندس هدايت تي اسسٽنٽ مختيارڪار گهوٽڪي تنيوير احمد ڪلوڙ 10 گدام تي ڇاپا هنيا جن مان 8 گدامن کي سيل ڪري ڇڏيو. ٻن گدامن مان 600 کان وڌيڪ کنڊ جون ٻوريون هٿ ڪري ورتيون آهن. اسسٽنٽ مختيارڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سمورن گدامن ۾ رکيل کنڊ جي ڳڻپ ڪري رپورٽ ڊي سي وٽ جمع ڪرائبي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو