کنڊ جي اگهه ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي اگهه ۾ واڌ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي.اها ڳالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيل خصوصي اجلاس ۾ چئي.اجلاس ۾ کنڊ جي ايڪسپورٽ بابت معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ڏني وئي ته جيڪڏهن کنڊ برآمد نه ڪئي وئي ته ايندڙ سيزن ۾ شگر ملون ديوالي ٿي وينديون ۽ ايندڙ سيزن ۾ 40 شگر ملون بند ٿي وينديون. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته شگر ملن هن سيزن جي 800 ارب رپين مان 760 ارب رپيا ڪمند جي هارين کي ادا ڪري ڇڏيا آهن، شگر ملن کي هن سيزن ۾ اڃا به هارين کي 40 ارب رپيا ادا ڪرڻا آهن.وزيراعظم شهباز شريف کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته کنڊ ايڪسپورٽ نه ڪئي وئي ته نومبر ۾ شگر ملون ڪريش نه ڪري سگهنديون، ملڪ ۾ 15 لک ٽن کنڊ اضافي آهي، جيڪڏهن 5 ملين ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي وڃي ته 26 لک ٽن کنڊ برآمد ٿيندي. ڊالر ڪمايا ويندا.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کنڊ جي برآمد جو فيصلو اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪندي. اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي اسٽاڪ ۽ عالمي مارڪيٽ جو جائزو وٺندي، شگر ملز کي پورو سال 140 رپيا في فيڪٽري اگهه جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو