کنڊ جي ايڪسپورٽ تي پابندي، امپورٽ جي ضرورت ناهي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي کنڊ جي برآمد تي پابندي بابت وزيرعظم جي فيصلي جي توثيق ڪري ڇڏي پر 3 لک ٽن کنڊ نجي شعبي ذريعي پرڏيهه مان گهرائڻ واري وزيراعظم جي فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي. ناڻي بابت وزيراعظم جي مشير عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيل اي سي سي ۾ اهڙو  فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ کنڊ جو 19 لک 19 هزار ٽن اسٽاڪ موجود آهي ان ڪري في الحال ٻاهران کنڊ گهرائڻ جي ضرورت ناهي. گذريل جمعي تي وزيراعظم هڪ سمري منظور ڪئي هئي جنهن ۾ کنڊ پرڏيهه موڪلڻ تي پابندي هڻڻ ۽ نجي شعبي معرفت ٻاهران 3 لک ٽن کنڊ درآمد ڪرڻ جي منظوري ڏني هئي. وزيراعظم چيو هو ته نجي شعبي کي امپورٽ ڊيوٽي جي ڇوٽ ڏني ويندي پر وفاقي يا صوبائي حڪومتون سبسڊي نه ڏينديون. ياد رهي موجوده حڪومت هڪ لک 41 هزار 447 ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي هئي جنهن بعد ملڪ ۾ مصنوعي بحران سبب کنڊ جا اگهه وڌي ويا هئا. ساڳئي نموني حڪومت ڪڻڪ به پرڏيهه موڪلي ۽ اٽي جو اگهه وڌڻ بعد وري ٻاهران گهرائڻ جي منظوري ڏني هئي. جنهن تي اپوزيشن چيو هو ته جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار کي فائدو ڏيڻ لاءِ غلط فيصلا ڪيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو