کنڊ اسڪينڊل ڊاڪٽر رضوان کي جاچ ٽيم جي سربراهي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي سرڪار ايف آءِ اي جي آفيسر ڊاڪٽر رضوان کي کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ٽيم جي سربراهي جاري رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ذريعن موجب وفاقي حڪومت ڊاڪٽر رضوان کي کنڊ اسڪينڊل جي جاچ رکڻ جي هدايت ڪئي ۽ ان جي ٽيم ايڊيشنل ڊي جي ايف اءِ اي ابو بڪر خدا بخش کي رپورٽ ڪندي، ذريعن موجب ايف آءِ اي جاچ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رضوان اڄ اجلاس طلب ڪري ورتو، جنهن ۾ جهانگير ترين ۽ علي ترين جي 3 مئي تي ڪيس جي ٻڌڻي تي لائحه عمل جوڙيو ويندو جڏهن ته گڏجاڻي ۾ کنڊ اسڪينڊل جي جاچ ۾ اڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويندو، ذريعن موجب ايف آءِ اي ٽيم جمعي تي سينيٽر علي ظفر کي جهانگير ترين جي خلاف ڪيس تي بريفنگ ڏني جڏهن ته هن ميٽنگ ۾ جهانگير ترين ۽ ٻين شگر ملز مالڪن جي خلاف ڪارروائي جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو