کنڊ، تيل، گيهه تان ٽيڪس ختم ڪريو، ڦرلٽ ڪرڻ وارن کان حساب وٺو،اسد عمر

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪمران تحريڪ انصاف جي اسد عمرحڪومت تي زور ڀريو آهي ته کاڄرو تيل، کنڊ، گيهه، يوريا، ننڍين ڪارن تان ٽيڪس ختم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي گهڻ رخا مسئلا آهن پر غريبن ۽ مڊل ڪلاس جو خيال ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ايم ايف 50 سيڪڙو بجلي جي اگهن ۾ واڌ چاهي پئي پر نيپرا 15 سيڪڙو تائين واڌ ڪندي. هن چيو ته هي بجٽ عوام لاءِ ٽف ٽائم آهي پر ملڪي حالتن سبب ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا آهن. هن تجويز ڏني ته اي او بي آءِ جي پينشن ۾ پڻ 10 کان 15 سيڪڙو واڌ ڪرڻ گهرجي. آصف علي زرداري پاران متفقه معاشي پاليسي واري بيان جي هن تعريف ڪئي ۽ چيو ته معاشي پاليسي جي سڀني کي مالڪي ڪرڻي پوندي. جڏهن ته زرداري جي حساب ڪتاب بند ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ واري بيان جي هن نفي ڪندي چيو ته انتقام نه وٺڻ گهرجي پر جنهن ڦر لٽ ڪئي آهي ان جو حساب ڪتاب وٺڻ لاءِ پارليمان تي آئيني ذميواري آهي، ڇو ته الله تعاليٰ به جزا ۽ سزا جو قانون ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو