نوشھروفيرز (رپورٽ اسد علي عمراڻي )سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سنڌ جي سياسي ڪارڪنن جي آزادي لا نڪتل سنڌ سڀا جي آزادي مارچ کي پوليس طرفان اوٻاوڙو وٽ روڪڻ ۽ نياڻين جي گرفتاري ۽ تذليل ڪرڻ خلاف نوشھرو فيروز پريس ڪلب اڳيان سياسي سماجي ڪارڪنن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ ان موقعي تي اڳواڻن جسم اڳواڻ رياض ڏاھري جسقم اڳواڻ وسيم راڄپر عبدالله پيرزادي سعيد شاھ دائود شيخ اسد عمراڻي شيراز ڏيٿو امان عباسي ساجد راڄپر لطيف ڳوراھو شھيد ڀٽو جي تعلقي صدر خالد چانڊيو ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري اوٻاوڙو پوليس جي خلاف سخت ناري بازي ڪري صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اوٻاوڙو باء پاس تي سنڌ سڀا جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاء ڪراچي پريس ڪلب کان راولپنڊي لاء نڪتل پيادل لانگ مارچ جي پانڌيئڙن کي مختلف بهانا بڻائي پريشرائيز ڪرڻ سان گڏ ٿريٽ ڏنا پيا وڃن قافلي کي اوٻاوڙو وٽ پوليس ۽ سول ڪپڙا پھريل ماڻهن جو گھيراء اڳتي وڌڻ کان روڪي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ هنن چيو ته هن ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون پر ٻئي طرف پنهنجن پيارن جي آزادي لاء نڪتل قافلي کي روڪڻ ڪاٿان جو انصاف آھي۔ ھي قافلو مارچ ۾ شامل ماڻھن جي نه پر سموري سنڌ جو آواز آھي جنھن کي دٻائي نٿو سگھجي قافلي جي ھر ھڪ پانڌيئڙي جي سنڌي قوم محافظ آھي جيڪڏهن اهڙن بھادر ساٿين کي ڪو به نقصان پھتو ته سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻجي ويندي۔










