کنڀي گم ڪيلن بابت عدالت جي ڪاوڙ، 29 تي رپورٽ طلب

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مختلف علائقن مان کنڀي گم ڪيل  50 کان وڌيڪ  شهرين جي بازيابي بابت پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي عدالت کين 29 جنوري تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. اهڙو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهي ۾ ڊويزن بئنچ خميس تي مختلف علائقن مان گم ڪيل شهرين عمر صديقي ۽ ٻين جي بازيابي بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي ڏنو. عدالت ٻڌڻي شروع ڪئي ته گم ٿيل ماڻهن جا ٻار ۽ عورتون پڻ عدالت ۾ پيش ٿيون، جڏهن ته پوليس آفيسرن گم ٿيل ماڻهن جي ڪيس جي جاچ بابت رپورٽون پيش ڪيون جن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هر ادارو ٻئي اداري جي سفارشن تي عمل نٿو ڪري ۽  گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ صوبائي ٽاسڪ فورس جي ڪارڪردگي پڻ زيرو آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن ادارا  گم ٿيل  ماڻهن جي بازيابي لاءِ قدم نه کڻندا ته پوءِ ڪير کڻندو؟.   ان موقعي تي  عدالت ايڊيشنل اٽارني جنرل کان پڇيو ته ٻين صوبن جي هراستي مرڪزن مان گم ٿيل ماڻهن بابت  ڄاڻ حاصل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ان جو ڇا ٿيو؟ جنهن تي ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته ڪي پي ڪي جي حراستي مرڪزن کان فون تي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي جنهن تي عدالت وڌيڪ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه ٿي؟.  خط لکو ۽ تصديق  ٿيل  معلومات حاصل ڪريو.  ماڻهون پريشان آهن.  ان موقعي تي  عمر صديقي جي گهر واري عدالت کي ٻڌايو ته مونکي ۽ منهنجي مڙس کي 10 ٻارڙن سميت حراست ۾ ورتو ويو هو پر بعد ۾ مون کي ۽ ٻارن کي ڇڏيو ويو، مڙس گذريل ٻن سالن کان لاپتا آهي. هن ٻڌايو ته اسان کي اکين تي پٽيون ٻڌي کڻي ويا هئا، منهنجي مڙس جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ، ايتري عرصي کان لاپرواهي ڇو؟

پهنجو تبصرو موڪليو